پيرابن شاھ جي مزار

پير، ابن شاھ جي مزار: هيءَ مزار اسلامي دور جي يادگار چوھڙ جمالي تعلقي شاھبندر کان ٽي ڪلوميٽر اولھه ۾ موجود هو. بزرگ پير ابن شاهه، شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي پونئيرن مان آھي. سندس شجرو ھن ريت روايت ڪيو وڃي ٿو: پير ابن شاهه بن شيخ اسماعيل قريشي بن شاهه شھر الله سجاده نشين بن شاهه يوسف بن شاهه عمادالدين بن شاهه رڪن الدين اسماعيل بن شاهه صدرالدين. سندس مزار جبل جي ٽڪريءَ تي 100 فوٽ کن مٿي ٺھيل آھي. سندس تربت مٿان مقبرو اڏيل آھي، جيڪو چيو وڃي ٿو ته ڪيھرن اڏايو هو. اتي ھڪ وڏو قبرستان به آھي، جنھن ۾ ڪڪرالي جي ڪيھر ڄامن جا مقبرا ۽ مزارون آھن. ھتي دائود ڪيھر جو مقبرو ڦٽل حالت ۾ موجود آھي ۽ درگاهه تي پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل آھي. ھن درگاهه جي ڏکڻ ۾ ھڪ ٻي ٽڪريءَ تي راڄن شاهه جي مزار آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو